ڏيڍ سٽا

ڏيڍ سٽا (صنف): سنڌي شاعريءَ جي هيءَ صنف جديد سنڌي شاعريءَ جي سرموڙ شاعر شيخ اياز ايجاد ڪئي. اياز پنهنجي ايجاد ڪيل هن صنف بابت پنهنجن ئي ڏيڍ سٽن جي مجموعي ’ننڊوليون‘ ۾ لکي ٿو ته: ”ڏيڍ سٽا فارسيءَ جو ’مستزاد‘ ۽ پنجابي گيت ’ماهيا‘ جو ميل جول آهن ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ نئين صنف آهي، جيڪا آسانيءَ سان ڳائي سگھجي ٿي.“ ڏيڍ سٽي ۾ پهرين اڌ سٽ ٿئي ٿي، جنهن جي آخر ۾ قافيو اچي ٿو ۽ ٻي مڪمل / سڄي سٽ هوندي آهي، جنهن جي آخر ۾ قافيو اچي ٿو، جڏهن ته ڪجهه ڏيڍ سٽن جي پهرئين اڌ سٽ ۾ توڙي ٻي سڄيءَ سٽ ۾ قافين سان گڏ رديف پڻ استعمال ٿئي ٿو. اياز جا ڏيڍ سٽا ڪجهه مفعول مفاعيلن، ڪجهه فاعلن مفاعيلن ۽ ڪجهه مفعول فاعلاتن جي وزن تي لکيل آهن. جڏهن ته ڪجهه ماترائن جي حساب سان به لکيل آهن.
شيخ اياز جي ’ڏيڍ سٽي‘ صنف جي ايجاد ۽ ان جي صنف جي مجموعي ’ننڊ وليون‘ جي اشاعت کانپوءِ هيءَ صنف سنڌيءَ ۾ ڪافي عام ٿي وئي آهي، جنهن تي نئين ٽهيءَ جي تمام گھڻن شاعرن طبع آزمائي ڪئي آهي. ڪن شاعرن هن ئي صنف کي ’ڏيڍوڻا‘ جي صنف نالي هيٺ سرجيو آهي. نئين ٽهيءَ جي ناليواري شاعر وسيم سومري جا اهڙا ’ڏيڍوڻا‘ سندس شاعريءَ جي مجموعي ’ياد جي نيري ندي‘ ۾ شامل آهن. ان کانسواءِ ناليواري شاعره رخسانه پريت چنڙ به پنهنجي ڪتاب ’پياسي ساڀيان جل ٿل خواب‘ مجموعي ۾ ڏنا آهن، جن کي ڏيڍ سٽا چئي سگھجي ٿو، پر هن انهن جو سٽاءُ وائيءَ وانگر رکيو آهي. يعني پهرين اڌ سٽ، ٻي اڌ سٽ ۽ ٽين اڌ سٽ. ٻئي سٽ سان ملائڻ بدران وائيءَ جي وراڻيءَ وانگر ٽين سٽ ۾ ڏني آهي. جديد سنڌي شاعريءَ ۾ شيخ اياز واري گھاڙيٽي کي ئي اصل ڏيڍ سٽو مڃيو ۽ لکيو وڃي ٿو.
شيخ اياز کان سواءِ اياز گل، ادل سومري، آسي زميني، تاج جويي ۽ ٻين شاعرن هن صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي.
نموني طور ڏيڍ سٽو هيٺ ڏجي ٿو:
تو ڏانهن نهاريان ٿو.
تون آنهه اها جنهن تي،
مان ساهه به واريان ٿو.
-
مونسان ته نه ها ڄايا.
اي ماءُ! ٻڌاءِ مون کي،
هي درد ڪٿان آيا.


لفظ ڏيڍ سٽاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو